حقاني محمد حسن

حقاني محمد حسن: نامياري سياستدان محمد حسن حقاني ولد مفتي عبدالحفيظ حقانيءَ جو جنم 1930ع ڌاري يوپي (ڀارت) ۾ ٿيو. سندس والد آگري جو مفتي اعظم ۽ نامور مصنف هو. هن آگري مان تعليم حاصل ڪئي. 1954ع ۾ پاڪستان آيو ۽ ڪجهه عرصو سرڪاري نوڪري ڪيائين. 1960ع کان 1964ع تائين ڪراچي جي انجمن سيڪنڊري اسڪول ۾ عربيءَ جوا ستاد رهيو. 1970ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. 1977ع جي عام چونڊن ۾ پاڪستان قومي اتحاد جي ٽڪيٽ تان قومي اسيمبليءَ جي چونڊن ۾ حصو ورتائين ۽ اڪثريت سان ڪامياب ٿيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو